شير خان

شير خان: شير خان، افغانستان جي بادشاهه تيمور شاهه جو وزيراعظم هو. جڏهن ميان عبدالنبيءَ خلاف سندس ڀائٽيي ميان عزت يار خان بن ميان احمد يار خان بغاوت شروع ڪئي، تڏهن شير خان، ميان عزت يار خان جي تمام گھڻي مدد ڪئي. ايتري حد تائين جو وزيراعظم شير خان بادشاهه تيمور خان کي سفارش ڪري سنڌ جي حڪومت جو پروانو ميان عزت يار خان کي وٺي ڏنو. پرواني کانسواءِ محفوظ خان کي ڏهه هزار دراني ۽ بابري سوار ڏئي حڪم ڏنو ته ميان عزت يار خان کي سنڌ وٺي وڃي تخت تي ويهاريو وڃي. شير خان ڏهه هزار جي فوج ڏيڻ باوجود قلات، ملتان ۽ شڪارپور جي دائودپوٽن حاڪمن کي پڻ فرمان جاري ڪيو ته هو عزت يار خان جي حمايت ۽ مدد ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪن. اهڙيءَ طرح ميان عزت يار خان شير خان جي مدد سان ٽيهه هزار فوج جمع ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو، پر سنڌ ۾ مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر هٿان شڪست کائي ڀڄي ويو.


لفظ شير خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو